ضياء جالنڌري

ضياء جالنڌري

ضياء جالنڌري

ضياء جالنڌري: ناليوارو شاعر، براڊ ڪاسٽر ۽ سرڪاري عملدار ضياء جالنڌري 20 فيبروري 1923ع تي جالنڌر (انڊيا) ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد ضياء نثار احمد آهي. هن جي والد جو نالو سيد سردار احمد شاهه هو. ضياء جالنڌري پرائمري ۽ ثانوي تعليم جالنڌر جي مختلف تعليمي ادارن مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجاب يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1945ع ۾ آل انڊيا ريڊيو جي شروعات اشاعت جي شعبي سان ڪئي. ورهاڱي بعد ٽپال کاتي سان منسلڪ ٿيو جتي ڊپٽي پوسٽ ماسٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن سان وابسته ٿيو. جتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مئي 1985ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو. کيس اردو، پنجابي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو. اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ شاعري ڪيائين. سندس مشهور ڪتابن ۾ ’سرشام‘، ’نارسه‘ ۽ ’خواب سرا‘ شايع ٿيل آهن. هي ڪافي وقت تائين لاهور مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ’علامت‘ جو ايڊيٽر رهيو.


لفظ ضياء جالنڌريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو